فريال ٽالپر جي نااهلي جي درخواست تي فيصلو 8 فيبروري تي ٿيندو

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر جي نااهلي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. سنڌ  اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر جي خلاف اناهلي جي درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن ۾ فريال ٽالپر جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پيش ٿيو جنهن درخواست ٻڌڻي نه ٿيڻ جوڳي قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي.فاروق ايڇ نائيڪ موقف اختيار ڪيو ته فريال ٽالپر خلاف درخواست سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر رد ڪئي هئي، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي نااهلي بابت آئين ۾ قانون واضح ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر چيو ته ان ڪيس جي حوالي سان سمورن قانوني نقطن جو جائزو وٺنداسين. اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر جي نااهلي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو 8 فيبروري تي ٻڌايو ويندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.