مردم شماري ۾ سنڌ جي حقيقي آبادي رڪارڊ ناهي ڪئي وئي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سرڪار جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون ۽ ماحوليات بابت صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته  عمران خان جي وفاقي حڪومت ڪيل واعدن تي يقين نٿي رکي ۽ حڪومت جنهن طريقي سان تعصب کان ڪم ڪري رهي آهي اهو شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مردم شماري جو معاملو اهم آهي جيڪڏهن هڪ صوبي جي صحيح آبادي جا انگ معلوم نه هجن ته پوءِ اهي ڪئين منظور ٿي وڃن ٿا.  مردم شماري ۾ سنڌ جي حقيقي آبادي رڪارڊ ناهي ڪئي وئي. جڏهن پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ هئي ته مردم شماري جي معاملي تي گڏ هئي ۽ هاڻي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ پنهنجو واعدو ٽوڙيو آهي.  هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ يو ٽرن ورتو پر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ مراد علي شاهه سنڌ جو معاملو اٿاريو هو.  هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو گڏيل مطالبو هو ته ڪميٽي صوبن سان صلاح مشوري بعد سفارشون ڏيندي پر ڪميٽي جي رپورٽ صوبن سان مشوري کانسواءِ ڪابينا کان منظور ڪرائي وئي. گڏيل مفاد هڪ وڏو آئيني ادارو آهي جنهن جو سربراهه وزيراعظم آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي تي عمل درآمد ۾ ناڪامي آئين جي واضح خلاف ورزي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.