ٽنڊي الهيار ۾ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ڌرڻو

ٽنڊوالهيار ( رپورٽ:  خميسو دائوداڻي) ٽنڊي الهيار ۾ قتل ڪيل  ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف  سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو.ڪارڪنن ايس ٽي پي  هائوس  کان  احتجاجي  ريلي ڪڍي جيڪا نصرپور روڊ تان ٿيندي ايس ايس پي آفيس ٻاهران پهتي،  جتي سوين ڪارڪنن ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي .ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين شهيد الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيندا ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، هن  جديد دور ۽ ٽيڪنالوجي هوندي قاتل گرفتار نه ٿيڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي،  هن چيو ته ٽنڊوالهيار پوليس اسان کي رڳو آسرا ڏيڻ ۾ پوري آهي،  جڏهن ته پوليس کي ڏنل ٽائم ختم ٿي ويو آهي،  هاڻ ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهياسان هند بسترا کڻي ڌرڻي ۾ آيا آهيون،  قاتلن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رهندو.بعد ۾ ايس ايس پي ٽنڊو الهيار  رخسار کهاوڙ ڌرڻي ۾ پهچي ڊاڪٽر قادر مگسي کي پنهنجي آفيس ۾ ڳالهين لاءِ  وٺي ويو،  ايس ايس پي جي خاطري  بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو،  ڌرڻي کي ختم ڪرائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان کي ايس ايس پي جلد قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته جلد الطاف جسڪاڻي جا قاتل قانوني ڪٽهڙي ۾ ايندا .ان موقعي تي ايس ايس پي رخسار احمد کهاوڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجون 2 ٽيمون ڪم ڪن پيون، قاتل جلد گرفتار ٿيندا،  الطاف جسڪاڻي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار آهن، ٻين کي به جلد قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.