نوابشاهه وومين پوليس جو نوشهرو فيروز ۾ ڇاپو، ناري بازياب

نوابشاهه ( رپورٽ : اڪرم چانڊيو ) نوابشاهه وومين پوليس ٻانڌي پوليس نواب شاھ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج شھيد بينظير آباد جي حڪم تي نوشھرو فيروز جي ڳوٺ حاجي مڱريو تي ڇاپو هڻي 26 سالن جي نوجوان ناري اربابان دائيداڻو کي بازياب ڪرائي وومين پوليس ٿاڻي نوابشاهه ۾ رکيو آھي جنھن کي سڀاڻي 12 جنوري تي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج شھيد بينظير آباد جي عدالت۾پيش ڪيو ويندو وومين ٿاڻي تي مسمات اربابان دائيداڻو چيو ته مون پنھنجي خوشي سان سجاد دائيداڻو سان شادي ڪئي آھي مون کي ڪنھن به اغوا نه ڪيو آھي ھن چيو ته منھنجي والدين منھنجي شادي مور دائيداڻو سان ڪرائي جيڪا مون کي ياد به نه آھي ھن چيو ته مور دائيداڻو منھنجو مڙس نه آھي  ياد رھي ته سيشن جج شھيد بينظير آباد کي دوڙ ڀرسان ڳوٺ مشتاق جٽ جي رھواسي مور دائيداڻو درخواست ڏني ته منھنجي گھر واري اربابان دائيداڻو کي اغوا ڪري قيد ڪيو ويو آهي جنهن بعد پوليس ڇاپو هڻي اربابان دائيداڻو کي ھٿ ڪري ورتو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.