خيرپور ۾هندو واپاري جي قتل ۾ جوابدارگرفتاري بعد مارجي ويو، ٻيو زخمي

خيرپور (رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو) لقمان ۾ ڦر دوران مزاحمت تي واپاري کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ خيرپور پوليس هٿان گرفتاري بعد مقابلي دوران ساٿين جي فائرنگ زخمي ڄاڻايل هڪ جوابدارفوت ٿي ويو، ٻئي جوابدار جو علاج جاري آهي. جڏهن ته پوليس 5 جوبدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.  هڪ ڏينهن اڳ بي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي حد لقمان شهر ۾ ڌاڙي دوران  هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ديپڪ ڪمار جي قتل جي ڪيس ۾ پوليس ٻن جوابدارن  ماجد شر ۽ راشد شر کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن مان جوابدار ماجد شر پوليس جي شڪي مقابلي ۾ زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو.بي سيڪشن  جي ايس ايڇ او حنيف کوسو موجب گرفتار ٿيل ماجد شر ۽ راشد شر جي نشاندهي تي ٽئين جوابدار عبدالقدير ڪٽوهر جي گرفتاري لاءِ پوليس گجو موڙ وٽ  پهتي ته مقابلو ٿي پيو ۽ هٿياربند پنهنجي ساٿي ماجد شر ۽ راشد شر کي ڇڏائڻ لاءِ پوليس تي فائرنگ ڪئي،  جنهن جي نتجي ۾ ماجد شر ۽ راشد شر سخت زخمي ٿي پيا،زخمين مان ماجد شر زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال خيرپور ۾ جيل وارڊ ۾ فوت ٿي ويو ، راشد جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته واپاري ديپڪ کي گهر ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت تي قتل ڪرڻ جي واقعي جي آيف آءِ  آر پنج جوابدارن مٿان داخل ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ عبدالقدير ڪٽوهر، ماجد شر، راشد شر ۽ ٻه اڻڄاتل  ماڻهو شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.