لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ان هائوس تبديلي جو امڪان رد ڪري ڇڏيو.
ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي صدارت هيٺ سيالڪوٽ ۽ گوجرانوالا جي ٽڪيٽ هولڊرن ۽ عهديدارن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ننڍين چونڊن تي صلاح مشورو ڪيو ويو.
اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ن ليگ ان هائوس تبديلي جي عمل کي هارس ٽريڊنگ سمجهي ٿي، حڪومتي وزيرن ضمني چونڊن لاءِ سرڪاري مشينري جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي.