”پاڪستان اهڙي هنڌ پهتو آهي جتي سمورا بحث بي معنيٰ پيا لڳن“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ميان رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان اهڙي هنڌ پهچي چڪو آهي جتي سمورا بحث بي معنيٰ پيا لڳن.

سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر رضا رباني چيو ته ان روايت کي ٻيهر اجاڳر ڪيو پيو وڃي ته جيڪي حق، صوبائي خودمختاري، آزادي صحافت، يونين لاءِ آواز کڻي ٿو ان کي غدار وطن جو ٻِلو ڏنو وڃي.

هن چيو ته رياست سوچي نه پئي ته ايتري ورڇ جيڪا هو ڪري ٿي، ان جي ڪهڙي قيمت هوندي؟ وفاق تي ڪهڙا اثر مرتب ٿيندا؟ ان کي نظر ۾ نه پيو رکيو وڃي، ڀارت به پاڪستان ۾ فالٽ لائنز کي اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڳالهين جو فائدو ناهي جڏهن ته ادارن جي وچ ۾ ڳالهين ئي رياست کي اڳتي وڃڻ جو واحد حل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.