بيت المال سنڌ جي سربراهه حنيد لاکاڻي پاران سرجاڻي ٽائون پناهه گاهه جو دورو ڪيو ويو ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيت المال سنڌ سيد احسن به حنيد لاکاڻي سان گڏ هو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي حنيد لاکاڻي جو چوڻ هو ته ان کي ڏاڍي خوشي ٿي جيڪو خواب وزيراعظم ڏٺو اهو پورو ڪري ڏيکاريو آهي ، هن چيو ته پناهه گاهه ۾ هڪ سئو ماڻهن جي رهائش جو انتظام آهي، هتان جي ماحول کي ڏاڍو صاف سٿرو رکيو ويو آهي ، پناهه گاهه قائم ٿيڻ سان روڊن ۽رستن تي سمهندڙ ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ملندو، هن ٻڌايو ته ڪراچي شهر ۾ 5 اهڙيون پناهه گاهون ٺاهيون وينديون .