ڌاٻيجي ۾ ڪسٽم عملي 3 پئٽرول پمپ غير قانوني ڄاڻائي سيل  ڪري ڇڏيا

ڌاٻيجي  ۾ قائم 3 پيٽرول پمپن  کي ڪسٽم اهلڪارن غير قانوني ڄاڻائي سيل ڪري ڇڏيو ،  ڪسٽم آفيسر طالب حسين ، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو سجاد حسين ابڙو،  ڊي ايس پي قادر بخش خاصخيلي ، ايس ايڇ او ڌاٻيجي غلام علي لاکو  ڌاٻيجي ۾ قائم المدينا فلنگ اسٽيشن ،ڀنڀور فلنگ اسٽيشن ،مدينا فلنگ اسٽيشن کي غير قانوني ڄاڻائي سيل ڪري ڇڏيو،  انهي موقعي تي اي سي ساڪرو سجاد ابڙو صحافين سان ڳالهيندي چيو ته  هتي ھلندڙ پيٽرول پمپن جي مالڪن وٽ اين او سي نه هئڻ ڪري وفاقي حڪومت جي  حڪم تي انهن کي سيل  ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته هر مهيني انهن پيٽرول پمپن جي يونٽن کي سِيل ڪيو ويندو آھي ۽  ڏيتي ليتي بعد ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي انهن کي ٻيهر کوليو ويندو آهي جنهن جو عذاب عوام کي ڀوڳڻو پوندو آھي

رپورٽ-مقصود جوکيو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.