وارھ ۾  غيرقانوني طور هلندڙ پيٽرول پمپ تي ڇاپو ، سِيل ڪيو ويو

وارھ شھر جي نصيرآباد روڊ تي غيرقانوني طور هلندڙ پيٽرول پمپ تي ڇاپو هڻي ان کي سيل ڪيو ويو، ڪسٽم پوليس جي انسپيڪٽر شاھ محمد موريو ، اسسٽنٽ مختيارڪار وارھ  ۽ ٻين عملدارن غير قانوني هلندڙ پئٽرول پمپ تي ڇاپو هنيو ،ڇاپي دوران پمپ عملي کي ٻاهر ڪڍي پمپ سيل ڪري پوليس اهلڪار ويهاري ويا،  ڪسٽم عملدارن جو چوڻ هو ته پمپ غيرقانوني هلي رهيو هيو،  ان ڪري ان کي سيل ڪيو آھي .

رپورٽ- مظفر قاضي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.