قمبر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ گوپانگ اتحاد پاران شهر ۾ بدامني خلاف ضلعي انصاف آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، ڪارڪنن پاران پريس ڪلب آڏو ٽائرن کي باهه ڏئي سٽي پوليس جي ايس ايڇ او خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي نثار احمد ڏيپر، سيد احسان علي شاهه،صدام حسين گوپانگ،فدا حسين ٻگيو،نظير احمد مگسي، ۽ ٻين چيو ته قمبر شهر بدامني جي ور چڙهي ويو آهي ، شهر مان روز ڪونه ڪو ڏوهه ٿئي ٿو، موٽر سائيڪل ڦر معمول بڻيل آهي ، هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،،
رپورٽ– محمود شيخ