لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ کانپوءِ ماڻهو طيب ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.
موسميات کاتي موجب زلزلي جي شدت 5.1 ۽ اونهائي 65 ڪلو ميٽر هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز والاريل ڪشمير هو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ پڻ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.