لاهور(ويب ڊيسڪ) بجلي جي بريڪ ڊائون واري معاملي تي مسلم ليگ ن توانائي واري وزي عمر ايوب ۽ آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا جي استعيفائن جو مطالبو ڪندي ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
مسلم ليگ ن جي ايم پي اي سميرا ڪومل طرفان ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بجلي جي ملڪ گير بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي ويندي.
ٺهراءَ جي متن ۾ لکيل آهي ته جاچ ڪميشن ۾ بجلي ۽ پاڻي واري وزير سميت سمورن آفيسرن کي طلب ڪيو وڃي، جاچ ڪميشن فرضن ۾ غفلت ڪندڙن جو پتو لڳائي.
ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جاچ ڪميشن هڪ هفتي ۾ پنهنجي رپورٽ پبلڪ ڪري، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين وفاقي وزير عمر ايوب ۽ فيصل واوڊا فوري مستعفي ٿين.