وزيراعظم جو اپوزيشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ميمبرن کي اهم ٽاسڪ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مچ سانحي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ذميوارن کي انجام تي پهچائينداسين.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مچ سانحي، سينيٽ چونڊن، فارن فنڊنگ ڪيس ۽ براڊ شيٽ معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته اپوزيشن جي اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج جي معاملي تي به حڪمت عملي جوڙي وئي.

وزيراعظم سينيٽ چونڊن بابت حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين، ڪوشش آهي ته چونڊون اوپن بيلٽ سان ٿين ته جيئن ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿي سگهي.

هن فارن فنڊنگ ڪيس بابت به حقيقتون قوم سامهون رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اپوزيشن جي پروپئگنڊا جو مقابلو ڪيو وڃي، عوام کي اليڪشن ڪميشن ۾ اسان جي جواب ۽ اپوزيشن جي ڪيسن بابت حقيقتون ٻڌايون وڃن.

عمران خان مچ سانحي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ذميوارن کي انجام تائين پهچائينداسين، اهڙا ڏوهي ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن.

اجلاس ۾ وزيراعظم براڊ شيٽ جي دعويٰ کي عوام ۾ اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نواز شريف براڊ شيٽ کي به خريدڻ جي ڪوشش ڪئي، عوام کي ان پروپئگنڊا بابت آگاهه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.