”اسرائيل، ڀارت ۽ قاديانين جي پيسن سان اقتدار هلائي چون ٿا اسان محب وطن آهيون“

مالاڪنڊ(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ۽ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ڊي ايم 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آڏو مظاهرو ڪندي.

مالاڪنڊ جي علائقي بٽه خليه ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب دوران هن چيو ته صوبن جي عوام ۽ هنن جي حقن سان گڏ بيٺا آهيون.

هن تحريڪ انصاف جي حڪومت کي مخاطب ڪري چيو ته هن حڪومت ڪرپشن جا دروازا کولي رکيا آهن ۽ قومي احتساب بيورو  کي اِهو نظر نٿو اچي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته توهان جو اقتدار اسرائيل، ڀارت قاديانين جي پيسن سان آهي ۽ پوءِ چئو ٿا ته توهان محب وطن آهيو.

هن چيو ته پي ڊي ايم، اسلام آباد ۾ 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو مظاهرو ڪندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 21 جنوري تي ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور جي لاءِ ملين مارچ ٿيندو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ان کان اڳ جو عوام توهان جي اقتدار جي ٻيڙي کي غرق ڪري ڇڏي، ڪجهه ڏينهن باقي آهن پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي هليا وڃو.

سندس چوڻ هو ته آئين ۽ صوبن جي حقن جي خلاف سازشون ٿي رهيون آهن جڏهن ته معيشت پشاور ۾ بي آر ٽي جيان تباهه ٿي وئي آهي.

هن چيو ته اڄ اسلام آباد ۾ به امن ناهي رهيو ۽ هن حڪومت ۾ لاقانونيت ايتري وڌي آهي جو ڏينهن جي روشني ۾ نوجوان ڇوڪري تي گوليون وسايون ويون.

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان رت جي سياست نٿا مڃڻ چاهيون پر اسان توهان کي توهان جي ذميواري جو احساس ڏيارڻ چاهيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.