حڪومت عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي آهي: سيد حسين شاهه

پيپلزپارٽي جي صوبائي اڳواڻ پير سيد حسين شاه جيلاني چيو آهي ته سليڪٽيڊ حڪومت عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ناڪام ٿي آهي، هڪ طرف بيروزگاري آهي ته ٻئي طرف مهانگائي عروج تي پهتل آهي  جنهن ڪري عوام مايوس ٿي ويو آهي ،گمبٽ ۾ سينئر صحافي ممتاز ميمڻ سان پيءُ ۽ گمبٽ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري سينئر صحافي حفيظ منگي سان چاچيء ۽ پيپلزپارٽي خيرپور ضلعي جي اڳواڻي صدر قمر زمان شاھ جيلاني جي وفات تي سندس چاچي ايم اين اي پير سيد فضل علي شاھ جيلاني ۽ سيد آصف علي شاھ جيلاني سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو مرحوم سيد قمر زمان شاه جيلاني  پ پ اڳواڻ سان گڏ هڪ بزرگ هستي هئي سندس وڇوڙي سان دلي صدمو پهتو آھي.

رپورٽ- محمد علي اڄڻ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.