پيرومل : ڇتي ڪتي اسڪول ويندڙ شاگردن  سميت 3 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

پيرومل ۾ رولو ڪتن جي آزار سبب  شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا،  ڇتن ڪتن  اسڪول ويندڙ ٻن شاگردن انيل ڀيل ۽   صاحب ڪهيري سميت پنيو ڀيل تي حملو ڪري کين  شديد زخمي ڪري ڇڏيو ، ڪتي جي ڏاڙهيل ٻن شاگردن ۽ پورهيت کي بي ايڇ يو سينٽر پيرومل منتقل ڪيوويو  جتي ويڪسين نه هئڻ ڪري هٿونگو سينٽر ڏانهن ليٽير ڏئي روانو ڪيو ويو،  ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل پنيو ڀيل ٻڌايو ته هو کير وٺي گهر وڃي رهيو هو ته اوچتو ڪتي هن تي حملو ڪيو ، شهرين تي ڪتن جي حملن باوجود  انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽  ڪتا مار مهم نه پئي هلائي وڃي.

رپورٽ-مرتضيٰ لغاري

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.