نوابشاهه : معذورن پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ، ڌرڻو

نوابشاهه جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ معذورن پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف علي احمد بھراڻي، مدد علي بروهي، دلمراد مري، زاھد چٽو، انور علي بروھي، اعجاز واسواڻو، نور بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ، ان موقعي ڳالهائيندي سندن چوڻ هو ته هو  گذريل 10 سالن کان احتجاج ڪري رھيا آھن پر انهن کي معذور ڪوٽا تي نوڪري نٿي ڏني وڃي, ، ھنن چيو ته هو  نوڪري لاءِ ڊي سي وٽ به ويا آهن پر کين اتان ڌڪا ڏئي آفيس مان ٻاھر ڪڍيو ويو، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انهن کي معذوري ڪوٽا تي نوڪري ڏني وڃي ٻي صورت ۾ نوابشاھه پريس ڪلب سامھون پاڻ تي پيٽرول ھاري باھه ڏئي ساڙينداسين.

رپورٽ-رحيم لاشاري

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.