گلشن اقبال: صوبائي ۽ وفاقي سرڪار ٻھراڙين جي ترقي کي نظرانداز ڪيو:اديب۽ سياستدان

سنڌ جي اديبن، سياسي،سماجي اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي جون ٻھراڙيون بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهن صوبائي توڙي وفاقي سرڪار ٻھراڙين جي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو ، سنڌ جي درياء، سمنڊ،وسيلن تي سڀ کان اڳ ۾ حق سنڌين جو ،  ڪراچي  جي علائقي مخدوم بلاول وليج ۾ عاشقان سنڌ پاران  نوجوان ليکڪ ۽ صحافي شفقت نوناري سان ملھايل شام واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪامريڊ شبير راڄپر ،غلام قمبر ، پروفيسر جاويد شيخ ، نورالدين  جمالي ،مبارڪ ڀٽي ، فقير ارشاد سومرو ۽ شفقت نوناري ٻِين چيو ته سچا ۽ کرا صحافي ھميشه حق سچ لکندا آھن ۽ انھن ڪڏھن به پنھنجي قلم جو سودو ناھي ڪيو

ان موقعي تي رجب مگسي قومي گيت ٻڌايا ، فقير ڪريمدادا خشڪ،  جعفر لاکو ، حسين خان گوپانگ ايڊوڪيٽ غلام رسول ڏاھري امن راڄپر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

رپورٽ-شفقت نوناري

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.