ڪنڌڪوٽ جي الحافظ شادي هال ۾ 30 جوڙن جي اجتماعي شادي جي تقريب

ڪنڌڪوٽ جي الحافظ شادي هال ۾ 30 جوڙن جي اجتمائي شادي ڪرائي وئي، تقريب  عشر ۽ زڪوات جي چيئرمين آغا شمس الدين پٺاڻ جي نگراني ۾ ٿي، ان موقعي تي  ڪنوارين کي 50 هزار کان وڌيڪ ڏاج ۽ اجتمائي شادي ۾ آيل مهمانن ۽  گهوٽيتن کي ماني پڻ کارائي وئي،  اجتمائي شادي تقريب ۾ ايم اين احسان الرحمان مزاري،اڳوڻو ايم اين اي ۽ ضلعي صدر پ پ گل محمد خان جکراڻي،ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آغا شمس الدين پٺاڻ جو چوڻ هو ته هي اجتماعي شادي تقريب ساڳئي هال ۾ چوٿون ڀيرو ٿي رهي آهي هن چيو ته 4 سال ٿي چڪا آهن عشرت زڪوات جي چيئرمين شپ ضلعي ڪشمور تان نيڪ نيتي سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا آهن

رپورٽ- ممتازسنڌي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.