ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ،ريلي ايس ٽي پي هائوس کان نڪتي جيڪا نصرپور روڊ تان ٿيندي ايس ايس پي آفيس پهتي، سوين ڪارڪنن ايس ايس پي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ، ريلي ۾ پوليس جو لٺ بردار عملو به موجود هو ، ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شامل ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيسيتائين الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيندا ڌرڻو جاري رهندو
هن چيو ته هو هنڌ بسترا کڻي ڌرڻي ۾ آيا آهن، قاتلن جي گرفتاري تائين سندن ڌرڻو جاري رهندو .
رپورٽ-خميسو دائوداڻي