تحريڪ انصاف پنهنجو نالو مَٽائي ”تحريڪ الزام“ رکي: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت تعصب سان ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته مردم شماري جو معاملو اهم آهي، جيڪڏهن هڪ صوبي جي صحيح آبادي جا انگ اکر خبر نه هجن ته پوءِ اهي ڪيئن منظور ٿيندا؟ مردم شماري ۾ سنڌ جي حقيقي آبادي رڪارڊ ناهي ڪئي وئي، تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ هوندي مردم شماري جي معاملي تي گڏ هئي پر هاڻ ان پنهنجو واعدو ٽوڙيو آهي.

هن چيو ته گئس فراهمي پڻ هڪ مسئلو آهي، آئين ۾ ڏنل شق تي عمل نه پيو ٿئي، آرٽيڪل 158 ۾ چيو ويو آهي ته صوبن کان نڪرندڙ معدنيات جو پهريون حق صوبي جو آهي، اهو معاملو ڪورٽ ۾ به ويو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي حق ۾ فيصلو ڏنو، سنڌ 68 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي ۽ سنڌ کي گئس جو پهريون حق حاصل آهي پر بدقسمتي سان اها سنڌ کي نه پئي ملي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي نااهل ڪابينا ڪنهن ڪم جي ناهي، پي ٽي آءِ کي پنهنجو نالو پاڪستان تحريڪ انصاف مان تبديل ڪري پاڪستان تحريڪ الزام رکڻ گهرجي، شبلي فراز سڀ الزام گذريل حڪومتن تي هڻندو آهي پر پاڻ ڪجهه به ڪرڻ جي قابل ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.