ملڪي سونارا مارڪيٽ مان مسلسل سٺيون خبرون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ملڪ ۾ سون جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به في تولي سون جي قيمت ۾ 100 رپيا لاٿ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 100 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 13 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 85 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 97 هزار 51 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 1850 ڊالر في اونس تي برقرار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.