ڪراچي: پي ايم سي خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جو سنڌ اسيمبلي آڏو  ڌرڻو

ڪراچي ۾ پي ايم سي جي تڪراري داخلا پاليسي خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران ٻئي ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌو نواز گهانگرو ، نصرالله ڪلادي ،سهيل ڀٽو ۽ طارق خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال جاري رکي وئي، ڪئمپ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن  محمد خان شيخ، ڪرامت علي  ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به سنڌ جي شاگردن جي مستقبل سان هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي

سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ بعد ۾ سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪيو ويو جتي مين گيٽ آڏو ڌرڻو ويو ، جيڪو ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو ، ان دوران جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم پڻ شرڪت ڪئي ، ٻئي پاسي ڊپٽِي ڪمشنر ڌرڻي واري هنڌ پهچي معاملو عدالت ڄاڻائڻ جو بنياد ٻڌائي احتجاج ختم ڪرايو .

رپورٽ-عارف نائچ

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.