مانجهند ڀرسان ڳوٺ ابڙا ۾ آبادگارن ۽ ايس يو پي اڳواڻ محمد عمر ابڙو ۽ ڪارڪنن طرفان شاه اويس قرني ڪئنال لاء الڳ بجلي فيڊر منظور ڪرائڻ تي مڃتا طور ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه کي آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ زميندارن ، هارين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي سيد جلال محمود شاه خطاب ڪندي چيو ته شاه اويس پمپنگ اسڪيم تاريخي اسڪيم آھي جنهن جي ڊزائين سائين جي ايم سيد بنگلاديش ۾ ڪرائي جيڪا اهڙي طرز جي ملڪ ۾ پهرين اسڪيم هئي .ھن وڌيڪ چيو ته تعلقي مانجهند ۾ ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ پيئڻ جو پاڻي، زراعت جو پاڻي ۽ ٻارڻ جي گئس جو فقدان آھي، ان موقعي تي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امير علي ٿيٻو چيو ته هر شي ء جو ٻج پاڻي آھي هن علائقي۾ سيد جلال محمود شاه جي ڪوشش سان آبادگارن جو 40 سال پراڻو مسئلو حل ٿيو آهي .
رپورٽ- بابو عمراڻي