ميرپور ماٿيلو :مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ مڙس هٿان گوليون ھڻي زال قتل

ميرپور ماٿيلو لڳ مڙس مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گوليون ھڻي پنھنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ پپري جلباڻي ۾ جوابدار اصغر جلباڻي پنهنجي گھر واري ڇھن ٻارن جي ماء امام زادي کي مبينا ڪارنهن الزام ھيٺ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي ميرپور ماٿيلو پوليس ڳوٺ پھچي عورت جو لاش کڻائي ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر اسپتال ميرپورماٿيلو مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو،

رپورٽ-نصرالله گڏاڻي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.