گمبٽ ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي ،30 کان وڌيڪ مسافر زخمي

گمبٽ ڀرسان ڳوٺ غلام حيدر ڦل ۾ قومي شاھراھ تي ڪراچي کان ميرپور ماٿيلو ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا،  زخمين ۾ مرد عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا جن کي موٽر وي پوليس طبي امداد لاءِ گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ،  زخمين ۾ 30 ورھين جي مھناز ، 35 ورھين جي خانزادي، 15 ورھين  جو نينگر نجف،  12 ورهين جو فدا حسين سميت ٻيا مسافر شامل هئا. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو آهي حادثي جو سبب مسافر ڪوچ جي ڊرائيور جي اور ٽيڪ ڪرڻ سبب پيش آيو آهي

رپورٽ- محمد علي اڄڻ

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.