ناليواري شاعر ، اديب ۽ سياستڪار مخدوم طالب الموليٰ جي  28 هين ورسي

سنڌي شاعري ۽ ادب کي پنهنجي پورهئي سان مال مال ڪندڙ لازوال شخصيتن مان مخدوم طالب الموليِٰ جي شخصيت به هڪ آهي ، مخدوم طالب الموليٰ  گهڻ رخي شخصيت ۽ اعليٰ درجي جو انسان هو. سندس شهرت جا ڪيئي حوالا آهن، مخدوم طالب االموليٰ کي روحاني حيثيت کان سواءِ سنڌ جي ادبي ۽ثقافتي حلقن ۾هڪ بلند مقام شاعر، نثر، نويس، اديب، محقق ۽ راڳ جي ڄاڻو جي حيثيت سان معتبر مقام حاصل هو.

سنڌ جو هي ناليوارو  اديب ۽ شاعر  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ولد مخدوم غلام محمد، 4 آڪٽوبر 1919ع تي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. مخدوم طالب الموليٰ درگاهه مخدوم نوح سرور جو 17هون سجاده نشين هو. هن تعليم جي شروعات درگاهه مخدوم نوح سروررح جي خادم ۽ عالم حافظ مولانا ولي محمد کان قرآن پاڪ پڙهڻ سان ڪئي. سنڌيءَ جي تعليم ماستر حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند عبدالرحمان انجم وٽ پڙهيائين. فارسي مولوي عبدالحي ٺيڙهي واري ۽ مولوي محمد عالم وٽ پڙهيو.، ان کانپوءِٻه سال پنهنجي والد بزرگوار جي تربيت هيٺ رهيو. جڏهن ته مولوي محمد عالم ۽ سينڌي خان  ’صيد‘ وٽ خوشخطيءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين، سندس والد مخدوم غلام محمد ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪئي. جنهن کانپوءِ طالب الموليٰ سجاده نشين ٿيو. تنهن وقت سندس ڄمار پنجويهه سال هئي. مخدوم طالب الموليٰ کي شاعري ،ادب ۽ راڳ سان ننڍي لاڪون ئي لڳاءُ هو. پهرين ‘بيوس’ پوءِ فيراقي، زمان شاهه ۽ بعد ۾ ‘طالب’ تخلص رکيائين، جڏهن ته 1949ع ۾ طالب الموليٰ  ٿي ويو ،. 1936ع ڌاري هن هالن ۾ ‘انجمن علم و ادب ’ جو بنياد رکيو، جنهن جي سهاري هيٺ ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون  ڪوٺايائين.مخدوم طالب الموليٰ  هالن ۾ ‘الزمان’ پريس قائم ڪيائين جتان هفتيوار سنڌي اخبارون ‘پاسبان’ ۽ ‘الزمان’ ڪيترو ئي عرصو نڪرنديون رهيون. 1946ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ’جميعت الشعراءَ‘ جي نالي سان قائم ڪيائين، نومبر 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ‘بزم طالب الموليٰ’ جو  بنياد وڌو ويو ، جنهن جو پاڻ سرپرست اعلى هو. هن بزم جو ڪم سنڌي ادب جي سنڀال ۽ واڌارو هو.. 1956ع کان حيدرآباد مان هڪ رسالو ‘شاعر’ نالي هيٺ سندس سرپرستي هيٺ نڪرندو هو، جڏهن 1957ع ۾ گهوٽڪيءَ ڪانفرنس ۾ کيس ‘جمعيت الشعراءَ’ جو سرپرست سان گڏ صدر پڻ چونڊيو ويو ۽ مخدوم طالب الموليٰ ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ هو. مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي حوالي سان سڃاتي ويندڙ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. هي ساڳي وقت شاعر، نثر نويس، محقق، لسانيات جو ماهر، راڳ جو ڄاڻو ۽ هڪ اعلى انسان هو. جڏهن مارچ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد پيو ته پاڻ ان وقت بورڊ جو ميمبر هو. نومبر 1955ع پهريون ڀيرو جنرل ايوب خان واري دؤر ۽ ٻيو ڀيرو ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، پاڻ 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو. 1969ع کان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ کيس ان جو سينيئر وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو .طالب الموليٰ شاعري جي صنف ۾ غزل ۽ ڪافي ۾ طبع آزمائي ڪئي. فن ۽ فڪر جي حوالي سان سندس غزل ۽ ڪافيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽ سندس شاعري سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جي نامور فنڪارن ڳائي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڇپر ۾ ڇڙيون ، مصري جون تڙيون ، آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، آب حيات ، سدا وسين سنڌڙي ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن .سنڌ جو هي گهڻ گهريون مخدوم طالب الموليٰ، 11 جنوري 1993ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو  کيس هالا ۾ مخدوم نوح رحه جي درگاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، سنڌي ادب ۽ شاعري لاءِ  ڪيل سندس خدمتون وسارڻ جون ناهن

رپورٽ-علي عابد سومرو

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.