آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايندڙ هفتي بلوچستان جو دورو ڪندو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايندڙ هفتي بلوچستان جو دورو ڪندو.

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار اڄ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايندڙ هفتي بلوچستان جو دورو ڪندو، بلوچستان پاڪستان جو مستقبل آهي.

هن چيو ته بلوچستان ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا پيا وڃن، پاڪستاني قوم متحد ٿي چئلينجن کي منهن ڏنو، پاڪ فوج جو مورال بلند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.