پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 2 ڪروڙ 6 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڳڻپ واري اداري چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب 2 ڪروڙ 6 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا ۽ 66 لک ماڻهن جي آمدني گهٽ ٿي آهي.

وفاقي ڳڻپ واري اداري طرفان ڪورونا جي سماجي ۽ اقتصادي اثرن بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا وائرس دوران لاڪ ڊائون سان 2 ڪروڙ 73 لک ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيو ۽ 2 ڪروڙ 6 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا، جڏهن ته 66 لک ماڻهن جي آمدني گهٽ ٿي.

رپورٽ موجب مينوفيڪرچنگ، زراعت، هول سيل، ٽرانسپورٽ، تعميرات ۽ ٻيا شعبا خراب طريقي سان متاثر ٿيا، جڏهن ته تعميرات سان سلهاڙيل 80 سيڪڙو ماڻهو ڪورونا سان متاثر ٿيا.

ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مينوفيڪرچنگ سان سلهاڙيل 70 سيڪڙو ماڻهو، ٽرانسپورٽيشن سان سلهاڙيل 67 سيڪڙو ماڻهو ڪورونا سبب متاثر ٿيا، ٻهراڙي وارن علائقن جي 49 سيڪڙو آبادي جي آمدني گهٽ ٿي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 57 سيڪڙو شهري آبادي جي آمدني ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.