ايڇ پي جا 2 ڪنورٽ ايبل ليپ ٽاپس متعارف

ناليواري ڪمپني ايڇ پي 2 نوان ڪنورٽ ايبل ليپ ٽاپ متعارف ڪرايا آهن جن جو مقص ڪورونا وائرس جي وبا دوران گهر اندر ڪم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.

لاس ويگاس ۾ سي اي ايس ٽيڪنالاجي نمائش جي موقعي تي ايڇ پي طرفان ڪيترائي نوان ڊيوائس پيش ڪيا ويا، جنهن ڊراگون فائي سيريز جا 2 ڪنورٽ ايبل ليپ ٽاپس به هئا.

ايلائٽ ڊراگون فلائي جي 2 ۽ ايلائٽ ڊراگون گلائي ميڪس ڪنورٽ ايبل ليپ ٽاپس آهن يعني انهن کي ٽيبليٽس جي طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

  ٻئي هلڪي وزن وارا ليپ ٽاپس آهن جنهن ۾ 13.3انچن جو ڊسپلي ڏنو ويو آهي، جنهن سان گڏ انٽيل 11 جنريشن پراسيسر موجود آهي.

هي ليپ ٽاپس 5 جي ۽ 4 جي ايل ٽي سپورٽ جي آپشنز سان گڏ موجود آهن جڏهن ته ٽائل ٽريڪنگ ٽيڪنالاجي بلٽ اِن آهي.

ايلائٽ ڊراگون فلائي ميڪس ۾ 1080 پي ڊسپلي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 5 ميگا پڪسل ويب ڪيم آئي آر سنسر سان گڏ آهي.

ليپ ٽاپ ۾ 4 وائيڊ ايري مائيڪرو فونز ڏنا ويا آهن جڏهن ته صارف جي لاءِ ويب ڪيم کي ڊس ايبل ڪرڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي.

ان ليپ ٽاپ ۾ انٽيل 11 جنريشن آءِ 5 ۽ آءِ 7 جا آپشنز ڏنا ويندا جڏهن ته ايلائٽ ڊراگون جي 2 ۾ آءِ 3، آءِ 5 ۽ آءِ 7 تائين جا آپشنز موجود آهن.

ٻنهي ۾ 32 جي بي ريم، 2 ٽي بي ايم، 2 ايس ايس ڊي اسٽوريج، هڪ يو ايس بي سي 3.1 چارجنگ، 2 يو ايس بي سي ٿنڊر بولٽ 3 ۽ سنگل ايڇ ڊي ايم ايل 1 بي پورٽ ڏنو ويو آهي.

هي ٻئي جنوري جي آخر ۾ صارفن کي ملي سگهندا، پر ڪمپني قيمت جو اعلان ناهي پر عام طور تي هن سريز جا ليپ ٽاپ 15 سئو ڊالرز جا هوندا آهن.

ايڇ طرفان وائرس ليس ايئر بڊز کي به متعارف ڪرايو ويو جنهن کي ايڇ پي ايلائٽ وائر ليس بڊز جو نالو ڏنو ويو آهي.

ڪمپني موجب هي ايئر فون پرسنلائڊز آڊيو ٽيوننگ، ايڪٽيو نوائز ڪينسليشن ۽ سائونڊ سچوئش پري سيٽس جهڙا فيچرز ڏنا ويا آهن.

ڪمپني موجب انهن ايئر بڊز کي ونڊوز 10، آءِ او ايس يا اينڊرائيڊ ايپس ۾ سوئچ ڪري سگهجي ٿو.

هي ايئر بڊز اپريل ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا ۽ انهن جي قيمت 199 ڊالر رکي وئي آهي.

ايڇ پي هڪ ٽيبليٽ ايلائٽ فليو به پيش ڪيو آهي جنهن ۾ 13.5 اين فل ايڇ ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي جڏهن ته جنريشن ٽو اسنيپ ڊراگون 8 سي ايڪس پرسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته 5 جي سپورٽ ڏني وئي آهي.

اهڙي طرح 16 جي بي ريم ۽ 512 جي بي اسٽوريج موجود آهي، ڪپمني جي دعويٰ آهي ته هن جي بيٽري سڄو ڏينهن ڪم ڪندي ۽ 24 ڪلاڪ ويڊيو پلي ڪري سگهجي ٿي.

هن کي فيبروري ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.