گهريلو ملازمه تي تشدد جي ڪيس ۾ زال ۽ مڙس جي حوالي

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ ۾ 14 ورهين جي گهريلو ملازمه تي تشدد جي ڪيس ۾ عدالت زال ۽ مڙس کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سيالڪوٽ ۾ گذريل ڏينهن 14 ورهين جي گهريلو ملازمه کي پاڙي وارن جي نشاندهي تي هڪ گهر مان آزاد ڪرايو ويو هو ۽ ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري تي تشدد جي تصديق ٿي هئي.

پوليس نينگري جي تشدد جي ڪيس ۾ زال ۽ مڙس کي سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوڙي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته متاثر نينگري موقف اختيار ڪيو هو ته پيءُ طرفان ورتل اوڌر رقم نه موٽائڻ تي مون کي گهر ۾ رکيو ويو هو ۽ مالڪ روز تشدد ڪندا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.