عافيا صديقي جي آزادي جي معاملي تي پرڏيهي وزارت جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي جي معاملي تي پرڏيهي وزارت طرفان جمع ڪرايل رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو.

آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ڪئي.

ان موقعي تي وڪيل ڊاڪٽر فوزيا صديقي چيو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي کي اغوا ڪيو ويو، اڃا تائين ڪا اپ ڊيٽ ناهي ته هوءَ جيئري آهي يا نه؟

جسٽس عامر فاروق پڇيو ته ڇا پاڪستان آمريڪا سان حڪومتي سطح تي اهو معاملو اٿاريو آهي؟

ڊپٽي اٽارني جنرل راجا خالد محمود عدالت کي ٻڌايو ته عافيا صديقي جي ڪورونا ٽيسٽ ٿي، جيڪا ناڪاري آئي.

جسٽس عامر فاروق چيو ته هر شهري جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، جنهن کان اها آجي نٿي ٿي سگهي، سيڪريٽري ليول جو آفيسر اچي ٻڌائي ته ان معاملي تي اڃا تائين ڪهڙي اڳڀرائي ٿي؟ جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل راجا خالد محمود ٻڌايو ته اسان جو قونصل خانو آهي، جيڪو ان معاملي کي ڏسندو آهي.

جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي کي ڪٿي رکيو ويو آهي؟ جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي کي جيل ۾ رکيو ويو آهي.

جسٽس عامر فاروق چيو ته اهو ڏاڍو اهم معاملو آهي، ان کي غير سنجيدگي سان نه وٺو، 4 سالن کانپوءِ اهو ڪيس لڳو آهي ۽ اسان اڄ به اتي ئي بيٺا آهيون، جتي 4 سال اڳ هئاسين.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزارت طرفان ڊپٽي اٽارني جنرل ذريعي ڊاڪٽر عافيا جي آزادي بابت پيش ڪيل حڪومتي قدمن جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت پرڏيهي وزارت کي ٻن هفتن ۾ دستاويزن سان گڏ نئين رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پرڏيهي وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري کي 10 فيبروري تي طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.