ڪراچي ۾ پنجين درجي جي ٻار پنهنجي ڪلاس فيلو کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس منگو پير الطاف نگر ۾ 12 سالن جي نينگر جي قتل ۾ ملوث هن جي ٻن دوستن کي گرفتار ڪري هڪ دوست جي والدين کي به ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪري ورتو.

9 جنوري تي منگهو پير ٿاڻي جي علائقي اورنگزي ٽائون سيڪٽر ساڍا 11 الطاف نگر ۾ خالي پلاٽ تان 12 سالن جي نينگر ارباز جو لاش مليو هو جنهن جي مٿي تي وزني شئي هڻي کيس قتل ڪيو ويو هو.

پوليس لاش تحويل ۾ وٺڻ کان پوءِ ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو هو، پوليس ٻڌايو هو ته مقتول ارباز موبائيل فون ۾ گيمون ڊائون لوڊ ڪرائڻ لاءِ پنهنجي دوست جي گهر ويو هو جتان هو گم ٿي ويو هو ۽ اڳئين ڏينهن دوست جي گهر جي ڀر  واري پلاٽ مان هن جو لاش مليو هو.

پوليس فوري طور تي مقتول جي دوست ارحم کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي جنهن دوران 12 سالن جي نينگر جي قتل جو معاملو حل ڪندي هن جي 2 دوستن ارحم ۽ ارسلان کي گرفتار ڪري قتل وارو اوزار ۽ رت ۾ ڀريل ڪپڙا به هٿ ڪري ورتا آهن.

پولس موجب گرفتار جوابدار ارحم ۽ مقتول ارباز ٻئي پنجين ڪلاس جا شاگرد آهن، ارحم جاچ دوران ڏوهه قبوليندي ٻڌايو ته هن هڪ ٻئي دوست ارسلان سان گڏجي مقتول جو لاٽ پلاٽ تي اڇلايو هو.

گرفتار جوابدار ٻڌايو ته هن کي امتحانن جي اهم سوالن جي خبر پئجي چڪي هئي ۽ هن پنهنجي دوست ارباز کي اهم سوالن بابت ٻڌايو ڇڏيو هو، مبينا طور تي راز فاش ڪرڻ جي خوف کان ارسلان سان گڏجي ارباز کي قتل ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.