ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1877 ڪيس رپورٽ، 32 فوتگيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ هڪ هزار 877 ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته ان وائرس وڌيڪ 32 ڄڻن جون حياتيون ضايع ڪري ڇڏيون.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 35 هزار 524 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون. اهڙي ريت ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا جون 71 لک 22 هزار 538 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.

وڌيڪ 1877 ڪورونا جو شڪار:

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 1هزار 877 ڪيس سامهون آيا، اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديقي مريضن جو انگ 5 لک 4 هزار 293 ٿي ويو آهي.

ڪٿي ڪيترا مريض:

سنڌ صوبي ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي، جتي تصديقي مريضن جو انگ 2 لک26 هزار 338 آهي. پنجاب ۾ 1 لک 45 هزار 508، خيبرپختونخواهه ۾ 61 هزار 424، بلوچستان ۾ 18 هزار 412، اسلام آباد ۾ 39 هزار 242، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 880 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي تصديقي مريضن جو انگ 8 هزار 489 آهي.

32 ڄڻا فوت:

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 32 ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون. اهڙي طرح ان وائرس جي هٿان تصديقي فوتگين جو انگ 10 هزار 676 ٿي ويو آحي.

وڌيڪ 1402 ڄڻا صحتياب:

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ هزار 402 ڄڻن  ڪورونا وائرس کي شڪست ڏني آهي، اهڙي ريت ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 58 هزار 371 ٿي ويو آهي.

35 هزار 246 فعال ڪيس:

اين سي او سي جي انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 35 هزار 246 آهي. جيڪي پنهنجي گهرن ۽ اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، فعال مريضن مان 2 هزار 286 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.