هراساني ڪيس: ميشا شفيع جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ منظور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جنسي هراساني ڪيس ۾ ميشا شفيع جي اپيل شروعاتي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ان کي جنسي هراساني جي تعريف جي پاڻمرادي نوٽيس سان جوڙي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ميشا شفيع هراساني ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي لاهور هاءِ جي فيصلي خلاف ميشا شفيع جي اپيل شروعاتي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي.

عدالت علي ظفر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي نوٽيس جاري ڪندي گلوڪار جي وڪيل کان تحريري جواب طلب ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران ميشا شفيع جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو هراساني جي دانهن رڳو لاڳاپيل اداري جا ملازم ڪري سگهن ٿا، هراساني قانون تحت ڪنهن جي خلاف دانهن لاءِ دانهن ڪندڙ جو ان جو ملازم هجڻ ضروري ناهي، تعليمي ادارن ۾ به هراساني جو قانون لاڳو ٿيندو آهي.

ان موقعي تي علي ظفر جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ ڪيس جي ميٽرس کي نه ڏسي، وفاقي محتسب ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ميشا شفيع جي درخواست خارج ڪري چڪا.

عدالت چيو ته اسان ڪيس جو فيصلو نه پيا ڪيون، رڳو قانوني نڪتن جي وضاحت لاءِ نوٽيس ڪيو آهي، اٿاريل نڪتن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، ميشا جي وڪيل طرفان اٿاريل سوال غور طلب آهن.

عدالت ڪيس کي جنسي هراساني جي تعريف لاءِ پاڻمرادي نوٽيس سان جوڙي ڇڏيو.

واضح رهي ته جنسي هراساني جي تعريف تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس پڻ ٻڌڻي هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.