ڪورونا جي باوجود پاڪستاني معيشت بحالي جي رستي روان دوان آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا جي باوجود پاڪستاني معيشت بحالي جي رستي تي روان دوان آهي.

ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان حاجي طاهر نويد جي سربراهي ۾ واپارين جي وفد ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته بزنس ڪميونٽي خاص ماڻهن کي هنن جي صلاحيتن ۽ قابليت جي موجب ملازمت فراهم ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪري.

ملڪ جي صدر چيو ته حڪومت واپاري طبقي جي مسئلن کان آگاهه ۽ واپار دوست ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪري پئي، ڪورونا جي باوجود پاڪستاني معيشت بحالي جي رستي تي روان دوان آهي، برآمدات ۽ ناڻي جي مٽا سٽا ۾ واڌ ملڪي معيشت لاءِ مثبت علامت آهي.

عارف علوي جو چوڻ هو ته حڪومت ڪورونا جي دوران واپاري ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ 1.2 کرب جو معاشي پيڪيج فراهم ڪيو ۽ ڪورونا جي دوران معيشت کي وبا جي ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ کليل رکيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.