”گهٽ ٽيڪس گڏ ٿيڻ سبب ملڪ جي ترقي تي وڌيڪ خرچ نٿا ڪري سگهون“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته گهٽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ڪري ملڪ تعمير و ترقي تي وڌيڪ رقم خرچ نٿو ڪري سگهي.

اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته ڪيشن اڪاموني عوام کي فائدو کڻڻ جي رستي ۾ رنڊڪ آهي، راست پروگرام ڊيجيٽل پاڪستان ڏانهن اهم قدم آهي، راست پروگرام تي اسٽيٽ بينڪ کي واڌايون ڏيڻ چاهيون ٿا.

وزير اعظم چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ڪيو ويندو آهي، 22 ڪروڙ آبادي مان رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏيندا آهن، انهن 20 لک مان 70 سيڪڙو ٽيڪس رڳو 13 هزار ماڻهو ڏيندا آهن، احساس پروگرام جي ذريعي غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، جنهن جو ملڪ روينيو نه هجي اُهو ترقي ڪيئن ڪندو؟ گهٽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ڪري انساني ترقي تي وڌيڪ پيسو خرچ نٿو ڪري سگهجي.

وزير اعظم چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سان رپئي تي وڏو اثر پيو، اسٽيٽ بينڪ جي قدمن سبب ناڻي جي مٽا سٽا ۾ واڌ ٿي، 5 ميهنن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سر پلس ۾ هليو ويو، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيڻ سبب پاڪستاني رپيو مضبوط ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.