بجلي واهپيدار واڌو بل ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن…!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي اگهن ۾ هڪ رپيو 6 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) آڪٽوبر ۽ نومبر 2020 جي مهينن لاءِ فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ هڪ رپيو 52 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.

پڌرائيءَ موجب نيپرا 30 ڊسمبر 2020 ۾ ٻنهي مهينن جي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي ۽ بجلي اگهن ۾ هڪ رپيو 6 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني.

پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت 29 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته نومبر جي فيول پرائس ايجسٽمينٽ تحت 77 پئسا في يونٽ تي وڌايا ويا.

نوٽيفڪيشن موجب بجلي اگهن ۾ واڌ رڳو جنوري مهيني جي بلن تي هوندي، واڌ لائن لائف واهپيدارن کانسواءِ ڊسڪوز جي سمورن واهپيدارن تي هوندي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي اگهن ۾ واڌ سان واهپيدارن تي 8 ارب 40 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.