قمبر ۾ ڦرن ۽ چورين جوآزار وڌي ويو، شهرين جو احتجاج

قمبر( ڊ  ر) نصير آباد ناڪي جي رهواسين جو موٽر سائيڪل ڦر خلاف وحيد مراد گوپانگ، بلاول گاڏهي، ارشد گاڏهي،عبدالباسط،عمران گوپانگ ۽ ٻين جو قمبر سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف سخت نعريبازي ڪئي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل رات ٽن ڦورن هٿيارن جي زور تي سي ڊي موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا قمبر ۾ ڦورو سرعام شهرين کي ڦري لٽي رهيا آهن حد جي پوليس ڦورن جي رکوالي ڪري رهي آهي ڦر جي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪوبه سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي شهرين کي انصاف ڏياريو وڃي،،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.