سکر ۾ بدامني، مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف ڌرڻو

سکر(رپورٽر) ملڪ ۾ وڌندڙ بدامني، مهانگائي، بيروزگاري خلاف سکر شهري اتحاد جي سڏ تي مختلف جي تنظيمن پاران گھنٽا گھر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مولانا عبيدالله ڀٽو، حبيب الله انصاري، سيد عمران علي شاهه، نصرالله ۽ ٻين چيو ته موجودا وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب مهانگائي عروج تي پهچي چڪي آهي. مهانگائي سبب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب هجڻ سبب ماڻهون گھرن ۾ به محفوظ ناهي، هنن  مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.