رونتي ڀرسان 7 دڪانن کي چور تالا ٽوڙي ٻهارو ڏئي ويا، احتجاج

رونتي (ن ع آ)رونتي ڀرسان حسو ڊاهو ۾ رات نامعلوم چورن 7 دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿئي آهن چوري ٿيل دڪانن ۾ پرچون، موبائيل فون، موٽر سائيڪل اسپئير پارٽ،  درزي جا دڪان شامل دڪانن جي مالڪن  ، منير فقير، فيض احمد ،يونس گرگيج، مفتي نظير احمد سولنگي سميت اوٻاوڙو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي دڪاندارن جو چوڻ هو ته اوٻاوڙو پوليس جي نااهلي سبب حسو ڊاهو سميت علائقي جو امن تباهه ٿئي ويو آهي پر پوليس اگھور نينڊ ۾ ستل آهي فل فور چوريون واپس ڪرايون وڃن ۽ ايس ايڇ او اوٻاوڙو هٽايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.