ميان صاحب ۾بد امني،موٽر سائيڪل چوري،پوليس لاچار

ميان صاحب (ن ع آ) همايون ٿاڻي جي سامهون قومي شاهراهہ تان ڪالهہ نامعلوم چاٻي چور پورهيت سراج کوهارو جي سي ڊي 2019 ع ماڊل موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع متاثر پورهيت پاران همايون جي پوليس کي ڪيو ويو آهي پورهيت موجب هو دوست کان ٿوري دير لاء موٽرسائيڪل وٺي آيو هو جيڪا چور ڪاهي ويا پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ورتي آهي هوڏانهن سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي شاهہ محمد بروهي ۾ نامعلوم چور باگڙي برادري جي ٻن گهرن مان هزارين رپين جي چوري ڪري ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.