ميان صاحب لڳ ايم پي اي جو پٽ يرغمال بڻائي ڦر لٽ

ميان صاحب (رپورٽ مظفر ملڪ) لوڊرا ٿاڻي ڀرسان جيڪب آباد – شڪارپور قومي شاهراھ تي رات دير سان ھٿياربندن ھٿان ايم پي اي اسلم ابڙو جو پٽ ارسلان ابڙو دوستن ۽ محافظ سميت يرغمال ، ھٿياربند کانئس روڪ رقم ، موبائل فونز ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ، پوليس پھتي ، ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ھٿياربندن جو پيڇو ، جاڳڻ جي علائقي ۾ پيرا گم ، پوليس واپس ،  تفصيل موجب : ميان صاحب ڀرسان لوڊرا ٿاڻي جي حد  شڪارپور جيڪب آباد  قومي شاهراھ 16 مورين تان رات دير سان پي ٽي آء اڳواڻ ۽ ايم پي اي مير اسلم ابڙو جو پٽ ارسلان ابڙو ڪراچي کان دوستن سان گڏ جيڪب آباد وڃي رھيو ھو تہ ھٿياربندن کين ھٿيارن جي زور تي سندس محافظن سميت يرغمال بڻائي کانئس  روڪ رقم ۽ موبائل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا پوليس کي اطلاع ڪيو ويو ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ مبارڪ ملڪ واردات واري هنڌ پهچي پوليس ساڻ ڪري هٿياربندن جو پيچو ۽ پيرا کنيا رات ھجڻ ڪري پوليس موٽي آئي جڏھن تہ صبح ٿيڻ ٻيھر پيرا کنيا ويا جيڪي جاڳڻ طرف گم ٿي ويا ياد رھي جيڪب آباد شڪارپور روڊ تي لوڊرا ، سلطان ڪوٽ ،ھمايون ٿاڻن جي حدن ۾ ڦرن جي وارداتن ۾  اضافو ٿي رهيو آھي جنھن جو ايس ايس پي شڪارپور کامران نواز پنجوٿا کي نوٽس وٺڻ گھرجي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.