لکي غلام شاهه لڳ 2 مينهون چوري، پوليس ٻوٽو نه ٻاريو

لکي غلام شاھ(ت ر) لکي غلام شاھ لڳ ماڙي شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ شيرڪوٽ ۾ گذريل رات دير سان نامعلومهٿياربند چور ڳوٺاڻي محمد يوسف مهر جي گهر ۾ گهري گهرڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 2 ڀلوڙ مينهون ڪاهي ويا اهڙي اطلاع بعد ماڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري پيرا کنيا ويا جيڪي ڪچي جي علائقي گهر پنهنجا ۾ شير خان جتوئي ۾ پيا جنهن دوران پوليس گرفتاري بنا هٿين خالي واپس موٽي آئي واقعي بابت پوليس ٻڌايو ته جلد چورن جي گرفتاري لاءِ گهر تي چڙهائي ڪري چوري ٿيل مينهون واپس ڪرايون وينديون،

ڪنب لڳ گهر مان چوري، چور گرفتار نه ٿيا

ڪنب ( ن ع آ  ) ڪنب ٿاڻي جي حدڳوٺ دودو خان پلھ ه۾ نامعلوم چور گزريل رات ديرسان محمدصالح پلھه جي گهر ۾ داخل ٿي گهر مان 25 هزار روڪ موبائل فون سولر پليٽ پکو  بيٽري ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا پوليس ۽ ڳوٺاڻن پاران کوجي ڪتن جي مدد سان چورن جاپيرا کنيا ويا کوجي ڪتاڳوٺ عليداد راڄڙ لڳ گهر آڏو ويهي رهيا جڏهن ته اڃاتائين ڪابه گرفتاري نه  ٿي آھي.

موري ۾ بدامني وڌي وئي، چوريون معمول، احتجاج

مورو (ن ع آ) مورو بدامني جي باھه ۾ چوريون ڦورون ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا ڪجھه ڏينھن پھريان مسڪين پورھيت آچر ڪلھوڙو جي درزڪي دوڪان ۾ چوري جا چور نه پڪڙڻ ۽ پوليس پاران سست رفتاري خلاف ڪلھوڙا برادري شھرين جو فقير خادم حسين ڪلھوڙو، سائين حق نواز ڪلھوڙو، جسقم شاھنواز سنڌي، مير نواز ڪلھوڙو، اشرف سولنگي، اشفاق احمد، شمن علي، بلاول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حضوري پير کان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جيڪو مختلف ھنڌن کان ٿيندو پريس ڪلب پھتو جتي مظاھرين چيو ته مورو جو امن امان مڪمل تباهه ٿي چڪو آھي  مورو پوليس چورن جي مڪمل سپورٽ پئي ڪري ڪجھه ڏينھن پھريان مسڪين پورھيت محمد آچر ڪلھوڙو جي درزڪي دوڪان جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل ڪپڙا سبيل ڪچا مشينون چوري ڪري ويا پوليس روز ڏٽا ڏئي رھي آھي شھر جا ماڻھو بدامني جي باهه ۾ سڙي رھيا آھن پر پوليس ڪک ڀڃي به ٻيڻو نٿي ڪري اسان مجبور ٿي اڄ روڊن تي نڪتا آھيون. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.