لکي غلام شاهه ۾ جوابدار اسپتال مان سامان کڻي ويا، چوڪيدار ستل

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ سول اسپتال مان دوائن جي مبينا چوري،گذريل رات نامعلوم چور دوائن جي اسٽور جي پوئين دروازي جا تالا ٽوڙي اسٽور مان ايڪسري فلمون،بلڊپريشرسميت ٻيو ٽيبليٽون کڻي فرار ٿي ويا،لکي پوليس صبح جو پيرا کڻي سول اسپتال لڳ عمر ڪالوني ۾ وڌا جتان ٻن ڄڻن ارباب سولنگي ۽ روشن مهر کي ٿاڻي تي وٺهي وڃي پڇا ڳاڇا ڪئي،رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ لکي صالح سولنگي ٻڌايو ته چور به ايم بي بي ايس ٿا لڳن جن کي خبر آهي ته ڪهڙيون دوائون مهانگيون آهي اهي چونڊي کڻي ويا آهن شڪ آهي ته اسٽور جا ٽٽل تالا کولي بعد ۾ ڀڳا ويا آهن ان ڪري چوڪيدران ۾ به شڪ آهي جيڪي اسپتال انتظاميه کان گهريا آهن ته جيئن جاچ ۾ سهولت ۽ چورن تائين پهچي سگهون،ڪوشش آهي ته چور ملي ويندا، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايم ايس سول اسپتال لکي ڊاڪٽر آفتاب احمد ميمڻ چيو ته چوري ٿيل ايڪسري فلمون ۽ ٽيبليٽ 5 کان ساڍا پنج لکن جون آهن،چوڪيدارن ۾ شڪ آهي جيڪي موجود نه هئا،جاچ ڪيون پيا نه ته چوڪيدارن کي پوليس حوالي ڪيو ويندو،هن چيو ته ڪجھ شرپسند آهن جيڪي مونکي ڪم ڪرڻ نه پيا ڏين منهنجي مختصر عرصي دوران ٻيو ڀيرو اسٽور مان لکين روپين جون دوائون چوري ٿيون آهن،سول اسپتال گيٽ تي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.