ڪوٽڏيجي لڳ بدامني، ڌاڙو، تشدد، گهر ڀاتي يرغمال، ٻارڙن جو احتجاج

ڪوٽڏيجي ( رپورٽ: ثناءُ الله بگٽي ) ڪوٽڏيجي ۾ بدامني جي باھ پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام چوري ڦورن ۽ ڌاڙا به روز جو معمول بڻيل شهر، ڳوٺ ۽ روڊ رستا عوام لاءِ غير محفوظ بڻيل پوليس گشت ڪرڻ بجاءِ ٿاڻن تائين محدود شهري توڙي ڳوٺاڻا راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور گذريل رات ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد بجلي گريڊ اسٽيشن ويجهو ڳوٺ چونئرو ۾ نامعلوم هٿياربندن آرمي جو شھيد  حولدار لعل ڏنو جي گھر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي بيواهه کي معصوم ٻارڙن سميت هڪ ڪمري ۾ يرغمال بڻائي 3 لک کان وڌيڪ روڪ رقم 10 کان 12 تولا سونا زيور، 2 عدد موبائيل فون 2 عدد ايل سي ڊي ۽ ٻه ڏينهن اڳ خريد ڪيل ھڪ عدد ھائي اسپيڊ موٽر سائيڪل ماڊل 2021 ڪاھي ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻوهارو ڏئي آساني سان فرار ٿي ويا ان موقعي تي معصوم ٻارڙن پنهنجي ناني سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته هٿياربندن اسان کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري تشدد ڪيو ۽ گهر ۾ پيل سونا زيور، پئسا، موبائيل فون نئي موٽرسائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا آهن اسان يتيم آهيون اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي هنن ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گھر مان ٿيل چوري واپس ڪرائي چورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي موجب جاچ ڪيون پيا گهر ڌڻي مختلف بيان پيا ڪن لاڙڪاڻي مان فنگر پرنٽ جي ٽيم گهرائي فنگر پرنٽ ڪرائي رهيا آهيون جيئن رپورٽ ايندي ئي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

ميان صاحب لڳ بد امني، ڳوٺاڻي جي ڀلوڙ مينهن چوري

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ چورين جو آزار رات دير سان شڪارپور جيڪب آباد قومي شاهراھ روڊ ڀرسان ڳوٺ حسين بخش بکراڻي مان نامعلوم چورن پاران هڪ ڀلوڙ مينهن چوري ، پوليس پھتي ، چورن جو پيڇو ، ڳوٺ روس معرفاڻي ۾ پيرا لڳا ، مينھن واپس ، تفصيل موجب :  سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد شڪارپور جيڪب آباد قومي شاهراھ روڊ ڀرسان ڳوٺ حسين بخش بکراڻي مان رات دير سان نامعلوم ھٿياربند محمد موسا بکراڻي جي گهران هڪ ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڀاڳيا چوري ٿيل مينهن جا پيرا روس معرفاڻي ڀرسان اڪبر معرفاڻي جي گهر ۾ لڳا ڀاڳين سلطان ڪوٽ پوليس جي مدد سان مينهن هٿ ڪري ورتي جڏھن تہ چور گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.