گهوٽڪي ويجهو هڪ ئي رات 7 دڪانن مان چوري، شهر بند، ڌرڻو

گهوٽڪي ( ڊ ر) گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ چورن ديرا ڄمائي ورتا، نامعلوم چور هڪ ئي رات 7 دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي چوري ڪري فرار ٿي ويا، شهرين احتجاجن طور شهر بند ڪري ڌرڻو هڻيٽائرن کي باهيون ڏنيون،   قادرپور ۾ نامعلوم چورن هڪ ئي رات 7 دوڪاندارن درشن لعل،وزير احمد سنگھڙ،شاھنواز چهواڻ، غلام مرتضي ڀٽو،حقنواز چهواڻ، ڏاڏو فضل محمد چاچڙ ۽ ٻين جي جي دوڪانن جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ ٻيو لک رپين جو سامان چور چوري ڪري فرار ٿي ويا.اهڙي واقعي بعد شهرين احتجاجن طور شهر بند ڪري پوليس خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن ڪري ٽريفڪ ڄام ٿي وئي.جڏهن ته ٻن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ايس ايڇ او گهوٽڪي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري چوري واپس ڪرائڻ جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.