مٺي ۾ نوجوان جو اوطاق ۾ ٽنگيل لاش هٿ

مٺي(بيوروچيف)مٺي ۾ نوجوان مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي،اُنهي سلسلي ۾ مٺي شهر جي عاقلي پاڙي ۾ 26 سالن جي نوجوان دائم ولد کيرو ميگهواڙ جو پاڙي جي اوطاق ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو،وارثن پاران واقعو خودڪشي قرار ڏنو ويو آهي،مٺي پوليس اطلاع تي پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو،ٻُڌايو پيو وڃي ته نوجوان جي 2 سال اڳ اسلام ڪوٽ مان شادي ٿي هئي،پوليس موجب  واقعو خودڪشي آھي،پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ جاچ بعد پتو پوندو ته واقعي جو اصل ڪارڻ ڇا آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.