نبي سر ٿر لڳ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

نبي سر ٿر (رپورٽ: عاجز چانڊيو ) نبي سر ٿر ويجھو ٻٽيھ سالا نوجوان ليمون ڀيل ٽالھي ٿاڻي جي حد ۾  بجلي جي ٿنڀي ۾ رسو ٻڌي خودڪشيڪري ڇڏي. ٻڌايو پيو وڃي ته آپگھات ڪندڙ نوجوان شادي شده ۽ پنج ٻارن جو پيءُ پڻ ھو ڪجھ وقت کان نفسياتي مريض پڻ بڻجي چڪو ھو جنھنڪري گذريل رات ھن گھران نڪري ٿرڪول کان ايندڙ بجلي لائين جي ٿنڀي ۾ رسو ٻڌي انتھائي قدم کڻندي زندگي جي ڏيئي کي گل ڪري ڇڏيو اھڙو اطلاع ملڻ تي ٽالھي پوليس پھچي آپگھات ڪندڙ نوجوان کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ڪنري کڻائي وئي جتان کان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.